تفسير گرهوڙي

تفسير گرهوڙي: هيءُ تفسير مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو تصنيف ڪيل آهي. دراصل مخدوم گرهوڙي ”تفسير گرهوڙي“نالي سان ڪو به تفسير نه لکيو هو، ليڪن پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ”حقيقت محمدي“ کي بيان ڪرڻ کان پوءِ قرآن پاڪ جي چند سورتن جھڙوڪ سورة الفاتح، الاخلاص، الڪوثر ۽ آيت تبارڪ الذي بيده الملڪ جو مفصل صوفياڻو تفسير بيان ڪيو هو. ان ڪري انهن چند سورتن جي تفسير کي پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ ”تفسير گرهوڙي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. مخدوم عبدالرحيم جو هيءُ تفسير جيتوڻيڪ مختصر آهي، ليڪن پنهنجي جاءِ تي هڪ بيش بها املهه خزانو آهي. سنڌي زبان ۾ جيڪي به قديم ديني ڪتاب نظر اچن ٿا، تن ۾ مخدوم گرهوڙيءَ جو هيءُ تفسير ٻارهين صدي هجريءَ جي تفسيرن ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو. مشهور جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اينيمري شمل مخدوم صاحب جي هن تفسير جي باري ۾ لکي ٿي ته ”جن ماڻهن قرآن پاڪ جو تفسير صوفياڻي طريقي موجب ڪيو آهي، تن مان مخدوم گرهوڙيءَ جو ذڪر خاص طرح سان ڪري سگھجي ٿو. مخدوم صاحب جي سورة الڪوثر جي ڪيل تشريح حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي صوفياڻي خيالن جو شاندار مثال آهي. سندس قرآن پاڪ جي شرح ارڙهين صدي عيسويءَ جي ڪيترن مثالي سنڌي صوفي شاعرن جي نقطه نگاهه سان ملندڙ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو